آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير جو هيوي انڊسٽريز ٽيڪسيلا جو دورو

راولپنڊي: آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير پاران هيوي انڊسٽريز ٽيڪسيلا جو دورو  ڪيو ويو .

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف کي ٽيڪنيڪي صلاحيتن ۽ جاري منصوبن تي بريفنگ ڏني وئي . آرمي چيف ايچ آءِ ٽي جي مختلف فيڪٽرين جو به دورو ڪيو .آرمي چيف دفاعي شين جي تياري ، ٽينڪن جي اپ گريڊيشن جو معائنو ڪيو .

ان موقعي تي آرمي چيف چيو ته ايچ آءِ ٽي علمي  معيشت ۽ سرچ ڊيولپمينٽ جو مرڪز آهي . آرمي چيف ايچ آءِ ٽي کي جديد ادارو بڻائڻ لاءِ آفيسرن جي صلاحيتن تي اعتماد جو اظهار ڪيو . آرمي چيف جي اچڻ تي چيئرمين ايچ آءِ ٽي سندن آجيان ڪئي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔