بنون ۾ سيڪيورٽي فورسز جو ڳجهي اطلاع تي آپريشن، 3 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي: بنون ۾ سيڪيورٽي فورسز ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪري ٽن دهشتگردن کي ماري ڇڏيو.
آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي آپريشن گذريل رات بنون جي علائقي نورار ۾ ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي سخت ڏي وٺ ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري موجب مارجي ويل دهشتگردن وٽان هٿيار، گولا ۽ بارود هٿ ڪيو ويو، اهي سيڪيورٽي فورسز خلاف ڪارروائين ۽ شهرين جي قتل ۾ ملوث هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔