پارليامينٽ مان منظور ٿيل عدالتي سُڌارن وارو بِل عدالت ۾ چئلينج

پارليامينٽ مان منظور ٿيل عدالتي سُڌارن وارو بِل عدالت ۾ چئلينج ڪيو ويو، وڪيل سعيد آفتاب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته سُپريم ڪورٽ جا رولز ٺاهڻ جو اختيار رڳو عدالت وٽ آهي، اُن حوالي سان قانونسازي بدنيتي تي ٻڌل آهي، آئين جي آرٽيڪل 70 تحت ايڪٽ آف پارليامينٽ وسيلي سُپريم ڪورٽ جي اختيارن کي محدود نٿو ڪري سگهجي

 سُپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجرل ايڪٽ ۾ ترميم وارو بِل ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي، حڪومت گذريل ڏينهن پارليامينٽ مان عدالتي سڌارن وارو بِل منظور ڪرايو هو

ٻئي پاسي پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته جسٽس قاضي فائز اهڙن ماڻهن جي وچ ۾ تقرير ڪئي، جِن خلاف ڪيسز تي هُن پاڻ فيصلا ڏنا هئا

پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري  وڌيڪ چيو آهي ته گذريل ڏينهن پارليامينٽ ۾ سُپريم ڪورٽ کي بي توقير ڪيو ويو، دنيا جي ڪنهن پارليامينٽ ۾ آئين جو ائين مذاق نه اڏايو ويو

هن جو چوڻ هو ته اسان ڪنهن تي ذاتي تنقيد جو حصو نه ٿينداسين، وڪيل برادري مطالبا ڪري رهي آهي ته جسٽس قاضي فائز خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي

پي ٽي آءِ پاران ڪي پي ۾ چونڊن جي تاريخ لاءِ پشاور هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيوويو، اسپيڪر مشتاق غني هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست ڪرائي ڇڏي، سُپريم ڪورٽ جي رجسٽرار پي ٽي آءِ جي اپيل تي اعتراض واريا هئا

 ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ رجسٽرار جي اعتراضن کي چئلينج ڪرڻ بدران پشاور هاءِ ڪورٽ سان رابطي جو فيصلو ڪيو، هاءِ ڪورٽ ۾ داد رسي نه ٿيڻ جي صورت ۾ سُپريم ڪورٽ سان رابطو ڪيو ويندو

 درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته گورنر پاران چونڊن لاءِ 8 آڪٽوبر جي تاريخ ڏيڻ غير آئيني آهي، گورنر کي چونڊن لاءِ فوري تاريخ ڏيڻ جو حڪم ڏنو وڃي، درخواست ۾ وفاقي سرڪار، ڪي پي حڪومت، گورنر ۽ صدر کي ڌُر بڻايو ويو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔