عدليه خلاف بيان: آزاد ڪشمير جي وزيراعظم هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿي معافي گهري ورتي

مظفرآباد: آزاد ڪشمير جي وزيراعظم تنوير الياس عدليه خلاف ڌمڪي وارن بيانن تي آزاد ڪشمير هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿي معافي گهري ورتي.

آزاد ڪشمير جي وزيراعظم کي تقريرن ۾ ڌمڪي وارو رويو اختيار ڪرڻ تي آزاد ڪشمير جي سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ طلب ڪيو هو.

آزاد ڪشمير جو وزيراعظم تنوير الياس اڄ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيو، سندس خلاف ٻڌڻي چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ صداقت حسين راجه جي سربراهي ۾ فل بينچ ڪئي. ٻڌڻي دوران آزاد ڪشمير جي وزيراعظم جي تقريرن جا ڪلپ هلايا ويا.

آزاد ڪشمير جي وزيراعظم هاءِ ڪورٽ ۾ غير مشروط معافي گهري ورتي، هن چيو ته منهنجي ڪنهن لفظ سان جج جي دل ڏکي ٿي آهي ته مان غير مشروط معافي گهران ٿو. آزاد ڪشمير جو وزيراعظم هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ کان پوءِ سپريم ڪورٽ به پهچي ويو.

سپريم ڪورٽ جو فل بينچ چيف جسٽس جسٽس سعيد اڪرم جي سربراهي ۾ ٻڌڻي ڪندو. بينچ ۾ جسٽس خواجه نسيم ۽ جسٽس رضا علي خان شامل آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔