توشه خانه: اليڪشن ڪميشن جي ڪيس جلد ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ واري درخواست رد

اسلام آباد: اسلام آباد جي عدالت عمران خان خلاف توشه خانه ڪيس جلد ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جي اليڪشن ڪميشن جي درخواست رد ڪري ڇڏي.

اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ جي ايڊيشنل سيشن جج ظفر اقبال عمران خان خلاف توشه خانه ڪيس جلد ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جي اليڪشن ڪميشن جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي جنهن سلسلي ۾ عمران خان جو وڪيل خواجه حارث ۽ فيصل چوڌري عدالت ۾ پيش ٿيا.

ٻڌڻي جي شروعات تي عدالت سوال ڪيو ته توشه خان ڪيس  جي جلد ٻڌڻي مقرر ڪرڻ جي درخواست تي ڇا ٿا چئو؟ ان تي عمران خان جي وڪيل چيو ته جلد ٻڌڻي مقرر ڪرڻ جو جواز ڪهڙو آهي؟ پئسن جو نقصان ٿيندو آهي. اليڪشن ڪميشن جي مرضي سان 29 اپريل جي تاريخ ورتي. ٻن ڏينهن کان پوءِ  اليڪشن ڪميشن کي خيال آيو آهي ته تاريخ جلد مقرر  ڪرائڻي آهي.

خواجه حارث چيو ته ڪيس جو فيصلو اليڪشن ڪميشن جي اثر رسوخ کان سواءِ ٿيڻو آهي پر عمران خان خلاف توشه خانه ڪيس ۾ امتيازي سلوڪ ڇو پيو رکيو وڃي. توشه خانه ڪيس جي ٻڌڻي جلد مقرر ڪرڻ جي ڪوشش ڪيس ۾ مداخلت ڪرڻ جي برابر آهي. اليڪشن ڪميشن چاهي ٿو ته عمران خان تي ڏوهه لاڳو ڪيو وڃي. خواجه حارث ڪيس جلد ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جي درخواست جي مخالفت ڪئي.

ان موقعي تي وڪيل امجد پرويز چيو ته اليڪشن ڪميشن تي امتيازي سلوڪ ڪرڻ جو الزام لڳائڻ غلط آهي. سپريم ڪورٽ فيصلو ڏنو ته ڪرپٽ پريڪٽس تي 3 مهينن اندر ٽرائل ڪورٽ فيصلو ڪري. سپريم ڪورٽ چيو ته هڪ ڀيرو شڪايت داخل ٿئي ته 3 مهينن جي اندر فيصلو ڪيو وڃي. اليڪشن ڪميشن جي درخواست ميرٽ ۽ سپريم ڪورٽ جي فيصلن تي داخل ڪئي وئي. جنهن کان پوءِ عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ فيصلو محفوظ ڪري ورتو ۽ چيو ته فيصلو 10 منٽن ۾ ٻڌايو ويندو.

عدالت ڪجهه دير کان پوءِ فيصلو ٻڌائيندي اليڪشن ڪميشن جي توشه خانه ڪيس جلد ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪرڻ جي درخواست کي رد ڪري ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔