(ن) ليگ اڳواڻ مريم نواز عمري جي ادائگي لاءِ سعودي عرب رواني

لاهور: پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي سينئر نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر مريم نواز عمري جي ادائيگي لاءِ سعودي عرب روانو ٿي وئي آهي.

رپورٽ موجب پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي سينئر نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر مريم نواز عمري جي ادائيگي لاءِ سعودي عرب روانو ٿي وئي آهي. مريم نواز سعودي ايئر لائين کان جده روانو ٿي، هو سعودي ايئر لائين جي فلائيٽ نمبر SU739 ذريعي رات 2:30 وڳي جده روانو ٿي

.مريم نواز سان گڏ سندس مڙس ڪيپٽن(ر) محمد صفدر پٽ جنيد صفدر ۽ ننهن عائشه سيف به گڏ آهي. مريم نواز سان گڏ ناٺي راحيل، ڌيئرون مهرالنساءَ ۽ ماهنور صفدر به روانيون ٿيون. هو سعودي ايئر لائين جي اڏام ذريعي لاهور جي علامه انٽرنيشنل ايئرپورٽ تان جده لاءِ روانو ٿي.

ٻئي طرف اڳوڻو وزيراعظم محمد نوازشريف لنڊن کان سعودي عرب پهچندو جتي هو ڌيءَ مريم نواز سان به ملاقات ڪندو. مريم نواز ۽ نوازشريف سعودي عرب ۾ شاهي خاندان جا خاص مهمان هوندا. نوازشريف ۽ مريم نواز سعودي شاهي قيادت سان ملاقاتون به ڪندا.

نوازشريف ۽ مريم نواز رمضان المبارڪ جو آخري ڏهاڪو مڪه المڪرمه ۽ مدينه المنوره ۾ گذاريندا جڏهن ته مريم نواز جي واپسي عيدالفطر کان پوءِ 26  اپريل تي شيڊول آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔