آئين سان گڏ بيٺل آهيون، خاموشي جو مطلب اهو ناهي ته سياسي ڳالهين سان متفق آهيون: جسٽس قاضي فائز

سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته اسان پاڪستان جي آئين سان گڏ بيٺل آهيون، خاموشي جو مطلب اهو ناهي ته سياسي ڳالهين سان متفق آهيون

قومي اسيمبلي ۾ آئين جي گولڊن جوبلي تقريب کي خطاب دوران جسٽس فائز عيسيٰ چيو ته مون کي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو هو ته هتي سياسي ڳالهيون نه ٿينديون ۽ رڳو آئين تي ڳالهايو ويندو، پر هتي سياسي ڳالهيون ڪيون ويون

هن چيو ته وضاحت ڪرڻ ٿو چاهيان ته سياسي ڳالهين سان متفق نه آهيان، سڀاڻي ان ئي بنياد تي منهنجي خلاف ڪيس به ٿي سگهن ٿا

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته پارليامينٽ، عدليه ۽ بيوروڪريسي سڀ هڪ آهيون، خبر ناهي ته اسان هڪ ٻئي کي دشمن ڇو پيا سمجهون، عوام جي بنيادي حقن جي تحفظ لاءِ اسان سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔