پي ٽي آءِ  جو احتجاج نظر انداز: پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ عدالتي سُڌارن وارو ترميمي بِل ٻيهر منظور

حڪومت پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ پي ٽي آءِ جي احتجاج دوران عدالتي سُڌارن وارو ترميمي بِل ٻيهر منظور ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي

قانون جي وفاقي وزير سُپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجرل ترميمي بِل پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو

بِل جي شق وار منظوري دوران پي ٽي آءِ سينيٽرز احتجاج ڪيو، اسپيڪر جي ڊائيس آڏو بيهي نعريبازي، پي ٽي آءِ سينيٽرز بِل جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون

اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته صدر طرفان بِل تي اُٿاريل سوال مناسب نه آهن، صدر کي مشورو ڏنو اٿئون ته هو پي ٽي آءِ جي ڪارڪن بدران رياست جي سربراهه طور ڪم ڪري، صدر هر معاملي تي تعصب جي عينڪ پائي پارٽي جي خدمت شروع ڪندو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔