چيف جسٽس سميت 4 ججز خلاف سپريم جوڊيشل ڪائونسل ۾ شڪايت داخل

اسلام آباد: چيف جسٽس پاڪستان سميت 4 ججز خلاف سپريم جوڊيشل ڪائونسل ۾ شڪايت داخل ڪئي وئي آهي.

چيف جسٽس پاڪستان عمر عطا بنديال، جسٽس منيب اختر، جسٽس اعجازالاحسن خلاف شڪايت داخل ڪئي وئي آهي. جڏهن ته جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي خلاف هڪ ٻئي شڪايت داخل ڪئي وئي آهي.

ايڊووڪيٽ سردار سلمان ڊوگر طرفان داخل ڪيل شڪايت ۾ چيو ويو آهي ته غلام محمد ڊوگر ۽ صوبائي چونڊ ڪيس ۾ ججز مس ڪنڊڪٽ ڪيو. چيف جسٽس عمر عطا بنديال سميت چئني ججز بدانتظامي جو ڏوهه ڪيو. چئني ججز آرٽيڪل 209 جي ڀڃڪڙي ڪئي چيف جسٽس سميت چئني ججز کي عهدي تان هٽايو وڃي.

چيف جٽس سميت سمورن ججز خلاف شڪايت جون ڪاپيون سپريم جوڊيشل ڪائونسل جي ٻين ميمبرن ڏانهن اماڻيون ويون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔