پاڪستان ۾ فرانس جي سفير پاران پروفيسر اجمل ساوند جي قتل جي مذمت

اسلام آباد: پاڪستان ۾ فرانس جي سفير پروفيسر اجمل ساوند جي قتل جي مذمت ڪندي چيو آهي ته هو نوجوانن کي پڙهائڻ لاءِ پاڪستان موٽيو هو. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ سفير چيو ته پاڪ فرينچ المنائي اجمل ساوند جي قتل جي باري ۾ ٻڌي تمام گهڻو ڏک ٿيو. فرانس مان ماسٽر ۽ پي ايچ ڊي ڪرڻ بعد اجمل پاڪستان جي نوجوانن کي پڙهائڻ لاءِ سکر آءِ بي اي ۾ پروفيسر طور واپس اچڻ جو فيصلو ڪيو. هن چيو ته اسان جون همدرديون سندس خاندان، ساٿين ۽ شاگردن سان گڏ آهن جنهن کي هن متاثر ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔