ڪراچي کان لاهور تائين هلندڙ شاليمار ايڪسپريس کي بحال ڪرڻ جو فيصلو

لاهور: ٽرين مسافرن لاءِ خوشخبري، شاليمار ايڪسپريس پهرين مئي کان بحال ٿيندي، جنهن جو ريلوي وزارت نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.
ريلوي واري وزارت 8 مهينن جي معطلي کانپوءِ شاليمار ايڪسپريس پهرين مئي کان بحال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. فيصلي تي عملدرآمد جو باضابطا نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.
جي ٽي او غلام عباس پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب شاليمار ايڪسپريس صبح 6 وڳي ڪراچي ڪينٽ کان هلندي، جيڪا حيدرآباد، ٽنڊي آدم، نواب شاهه، روهڙي، رحيم يار خان، خانپور، بهاولپور، ملتان ڪينٽ، خانيوال، ساهيوال، يوسف والا ۽ رائونڊ کان ٿيندي رات جو يارنهن لڳي پنجيتاليهه منٽن تي لاهور پهچندي.
ان کان اڳ شاليمار ايڪسپريس ڪراچي، حيدرآباد، نواب شاهه، روهڙي، رحيم يار خان، بهاولپور، ملتان کان ٿيندي ٽوبه ٽيڪ سنگهه، فيصل آباد ۽ لاهور تائين هلندي هئي.
شاليمار ايڪسپريس کي ٻيهر هلائڻ جو فيصلو 8 اپريل تي ريلوي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق جي صدارت هيٺ لاهور هيڊ ڪوارٽر ۾ ٿيل اجلاس ۾ ڪيو ويو هو.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔