گيس اچي نه اچي بل اڳ کان به وڌيڪ ايندو، سوئي ناردرن بلن ۾ اضافي رقم شامل ڪري ڇڏي

ڪراچي: گيس اچي نه اچي بل اڳ کان به وڌيڪ ايندو. سوئي ناردرن گيس بلن ۾ واڌو رقم شامل ڪري ڇڏي، صارفين کي هلندڙ مهيني 8 کان 115 سيڪڙو تائين بقايائون ادا ڪرڻيون پونديون.
ذريعن موجب جنهن صارف جو بل 500 هو ان کي 800 روپين کان وڌيڪ رقم ڏيڻي پوندي جڏهن ته جنهن جو اڳوڻو بل 1400 هو ان کي 3100 روپين جو بل ڏيڻو پوندو. اها اضافي رقم چئن مهينن تائين وصول ڪئي ويندي.
ذريعن موجب اضافي رقم گيس مهانگي خريدڻ سبب وصول ڪئي ويندي. نئين ٽيرف ۾ پروٽيڪٽڊ گهريلو صارفين جي ڪيٽيگري متعارف ڪرائي وئي آهي.
ذريعن موجب نومبر کان فيبروري تائين 0.9 ايم ايم بي ٽي يو تائين گيس استعمال ڪندڙ صارفين کي رعايتي اگهن تي گيس ڏني ويندي.
سوئي ناردرن جو موقف آهي ته نومبر کان فيبروري 0.9 ايم ايم بي ٽي يو کان وڌيڪ گيس استعمال ڪندڙ صارفين کان واڌو رقم وصول ڪئي ويندي. ذريعن موجب گيس بلن ۾ واڌ صرف صاحب حيثيت صارفين لاءِ آهي.
ٻئي طرف سوئي سدرن جي ترجمان اهو به چئي ڇڏيو آهي ته گيس ٽيرف وڌڻ سبب اضافي بلز وصول ڪيا پيا وڃن. جنوري ۽ فيبروري جي واجب الادا رقم موجوده ۽ ايندڙ مهيني وصول ڪئي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔