عيدالفطر تي ڪيتريون موڪلون هونديون؟ اهم خبر سامهون اچي وئي

اسلام آباد: سموري ملڪ ۾ عيدالفطر تي ڪيتريون موڪلون ڏنيون وينديون، ان حوالي سان اهم خبر سامهون اچي وئي آهي.
نجي ٽي وي جي رپورٽ موجب عيدالفطر جي لاءِ 4 کان 5 موڪلون ڏيڻ جي تجويز وزيراعظم هائوس ڏانهن اماڻي ويندي جنهن جو فيصلو وزيراعظم ايندڙ هفتي ڪندو ته ڪڏهن تائين موڪلون ڏنيون وڃن.
ذريعن موجب جيڪڏهن عيد جمعي تي ٿئي ٿي ته 20 کان 23 اپريل تائين موڪلون ٿيڻ جو امڪان آهي. ڇنڇر 22 اپريل تي عيد ٿيڻ جي صورت ۾ 20 کان 24 اپريل تائين موڪلن جو اعلان ٿي سگهي ٿو. ڪابينه ڊويزن وزيراعظم جي باضابطه منظوري کان پوءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪندي.
ياد رهي ته رويت هلال ريسرچ ڪونسل جي سيڪريٽري جنرل خالد اعجاز مفتي چيو هو ته 20 اپريل جي شام عيدالفطر جو چنڊ نظر نه ايندو ان ڪري رمضان 30 روزن تي ٻڌل هوندو ۽ عيد ڇنڇر 22 اپريل تي ملهائڻ جو امڪان آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔