چيف جسٽس فل ڪورٽ ٺاهي ملڪ کي بحران مان ڪڍي سگهيو ٿي:ڊاڪٽر عبدالمالڪ

ڪوئٽه: بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ نيشنل پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ چيو آهي ته هن وقت ملڪ ۾ سياسي، معاشي ۽ قانوني بحران آهي. عدليه کي پاڻ کي تڪراري نه بنائڻ گهرجي ها. چيف جسٽس فل بينچ ٺاهي ملڪ کي بحران مان ڪڍي سگهيو ٿي پر هن ائين نه ڪيو.
نجي چينل کي انٽرويو ڏيندي بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ سينئر سياستدان ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ چيو ته ملڪ جي موجوده صورتحال انتهائي مايوس ڪندڙ آهي. ملڪ هن وقت سخت سياسي، آئيني ۽ معاشي بحران ۾ مبتلا آهي، سمورا ادارا بريڪ ڊائون ۾ هلايا ويا آهن.
هن چيو ته عدليه کي پنهنجو پاڻ کي تڪراري نه بنائڻ گهرجي ها. جيڪڏهن اهو فيصلو فل بينچ جي ذريعي اچي ها ته وڌيڪ قبول ڪرڻ جوڳو هجي ها. چيف جسٽس کي فل بينچ بڻائي ملڪ کي بحران مان ڪڍڻ گهرجي ها پر هن ائين نه ڪيو.
ڊاڪٽر عبدالمالڪ وڌيڪ چيو ته عدليه ۽ اسٽيبلشمينٽ اندر ورهاست ٿي چڪي آهي بحران مان ڪڍندڙ ماڻهو سياستدان هجن يا عدليه اهي پاڻ ۾ ئي اٽڪيل آهن.
نيشنل پارٽي جي سربراهه چيو ته عجيب صورتحال پيدا ڪئي وئي آهي، ڪوبه اصلاحات لاءِ تيار نه آهي. معاشي اصلاحات چاهيون ٿا پر ڪوبه پنهنجو خرچ گهٽ ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. ڊالر ۽ پيٽرول 300 روپين تائين پهچي ويو، 10 ڪلو اٽي جي ٿيلهي لاءِ روزاني ماڻهو مري رهيا آهن.
ڊاڪٽر عبدالمالڪ اهو به چيو ته بلوچستان مان چونڊجي ايندڙ 2002ع ۾ مسلم ليگ(ق) سان گڏ هئا، 2008ع ۾ پيپلز پارٽي سان گڏ، 2013ع ۾ مسلم ليگ(ن) سان ۽ 2018 ۾ باپ پارٽي ۾ شامل ٿي ويا جڏهن ته عوام کي پنهنجن حقن کان تمام گهڻو پري رکيو ويو، پنهنجي مرضي جون حڪومتون آنديون وينديون آهن ۽ انهن کان پنهنجي مرضي جا فيصلا ڪرايا ويندا آهن.
هن چيو ته اسان جيڪڏهن آئين تحت نه هلياسين ته 10 ميثاق به کڻي اچو ڪامياب نه ٿينداسين، عمران خان سمجهوتو ڪري آيو هو، ان مان جيڪا اميد هئي هو ائين نه ڪري سگهيو. بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير وڌيڪ چيو ته تحريڪ عدم اعتماد آڻڻ پي ڊي ايم جو حق هو پر ان کان فورن بعد کين چونڊن ڏانهن وڃڻ گهرجي ها.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔