ڀارت ۾ ڪورونا وائرس جي واڌ، آئي پي ايل لاءِ خطري جي گهنٽي

نئين دهلي: ڀارت ۾ ڪورونا وائرس جي وڌندڙ ڪيسن سبب ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي سي آءِ) ڪووڊ_19 ايڊوائزري جاري ڪري ڇڏي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ڀارت ۾ ڪورونا وائرس ٻيهر ڪر کڻڻ لڳو آهي ۽ ڪيسن ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي، جڏهن ته ان دوران ڀارت ۾ آءِ پي ايل جو جنون عروج تي آهي، اهڙي صورتحال ۾ بي سي سي آءِ ڪووڊ_19 ايڊوائزري جاري ڪري ڇڏي آهي.
رپورٽ موجب، بورڊ ٽيم مالڪن، رانديگرن ۽ مددگار عملي کي آگاهه ڪندي چيو آهي ته ڪورونا وائرس کان بچاءُ لاءِ احتياطي اپاءَ وڌيڪ سخت ڪيا وڃن، جڏهن ته حڪومت طرفان سماجي وٿي جي هدايتن سميت جيڪي اصول واضح ڪيا وڃن، ان تي عمل يقيني بڻايو وڃي.
ياد رهي ته ڀارت ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جا 4 هزار 4 سئو 35 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، جنهن بعد رپورٽ ٿيل ڪيسن جو انگ 4 ڏهائي 47 ڪروڙ تائين پهچي ويو آهي.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔