چين جو اسرائيل ۽ فلسطين ڇڪتاڻ تي ڳڻتيءَ جو اظهار

بيجنگ: چين جي وچ اوڀر بابت خاص سفير امورزائي جون چيو آهي ته چين کي اسرائيل ۽ فلسطين وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ تي تشويش آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب چيني سفير زائي جون چيو آهي ته چين سڀني ڌرين خاص ڪري اسرائيل کي صبر کان ڪم وٺڻ جي اپيل ڪري ٿو.
هن چيو ته عالمي برادري کي فلسطين جي جلد ۽ مناسب حل لاءِ ٺوس قدم کڻڻا پوندا.
ياد رهي ته اسرائيلي فوج گذريل ڏينهن مسجد اقصيٰ جي احاطي ۾ نمازين تي حملو ڪيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔