ڪنڌڪوٽ ۾ هٿياربندن جي فائرنگ: آءِ بي اي سکر جو پروفيسر قتل

ڪنڌڪوٽ: ڪنڌڪوٽ ڀرسان شالو واري علائقي ۾ پراڻي دشمني تان ساوند برادري جي معزز شخصيت آءِ بي اي سکر جي پروفيسر اجمل ساوند کي سندراڻي برادري جي هٿياربندن انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو. جنهن بعد ھٿياربند آساني سان فرار ٿي ويا.
واقعو ان وقت پيش آيو جنهن وقت مقتول اجمل ساوند گهر کان سکر طرف وڃي رهيو هو ته تاڙ ۾ ويٺل سندراڻي برادري جي هٿياربندن سندس ڪار مٿان انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري شروع ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ اجمل ساوند ٿڏي تي ئي دم ڌڻي حوالي ڪيو

واقعي جي اطلاع تي حد جي پوليس پھچي لاش کڻائي سول اسپتال پھچايو، جتان ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو آهي. اهڙو واقعو پيش اچڻ تي علائقي ۾ افراتفري وارو ماحول پيدا ٿي ويو ۽ ساوند برادري جا وڏي انگ ۾ ماڻهو هٿيار کڻي واقعي واري هنڌ پهچي ويا.
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو ساوند ۽ سندراڻي برداري وچ ۾ ھلندڙ پراڻي تڪرار سبب پيش آيو آهي وڌيڪ جاچ مڪمل ڪرڻ بعد واقعي جو ڪيس داخل ڪري جوابدارن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي ويندي.
مقتول پروفيسر اجمل ساوند سکر ۾ مشھور ڊاڪٽر ساوند برادري جي چڱي مڙس ڊاڪٽر طارق ساوند جو ننڍو ڀاء ھو جيڪو پنهنجي ڳوٺ وڃي رھيو ھو ته ھٿياربندن حملو ڪري قتل ڪري ڇڏيو آهي.
اهڙو واقعو پيش اچڻ بعد ڪچي واري علائقي ۾ سندراڻي ۽ ساوند برادري جي ماڻهن وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي ۽ وقفي وقفي سان فائرنگ جو سلسلو جاري آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔