هڪ سال دوران بجلي جي قيمتن ۾ 50 سيڪڙو کان وڌيڪ واڌ

اسلام آباد:هڪ سال دوران بجلي جي قيمتن ۾ 50 سيڪڙو کان وڌيڪ واڌ ڪئي وئي آهي. هڪ سال دوران بجلي جي قيمتن ۾ ٿيل واڌ جا تفصيل سامهون اچي ويا آهن.
نيپرا جي دستاويزن موجب فيول ايڊجسٽمنٽ ۽ اورسرچارجز جي مد ۾ بجلي مهانگي ڪئي وئي. بجلي جي بنيادي ٽيرف ۾ 10 روپيه اضافو ٿيو. گهريلو صارفين جي بجلي 50 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي

دستاويزن موجب گهريلو صارفين لاءِ بجلي جي قيمت 8 روپيه 50 پئسا وڌي. جنهن سبب صارفين جو ٽيرف 18.04 روپين مان 26.54 روپيه ٿي ويو.
ٻئي طرف ڪمرشل صارفين جي بجلي 11 روپيه في يونٽ مهانگي ڪئي وئي. صنعتي صارفين جي بجلي 9 روپيه 55 پئسا مهانگي ڪئي وئي. زرعي صارفين جي ٽيرف ۾ 9 روپيه 14 پئسن جي واڌ ڪئي وئي.
نيپرا دستاويز موجب بجلي جي قيمت 655 ارب مان وڌي 1152 ارب ٿي وئي. ڪيپسٽي چارجز 794 ارب مان وڌي 1251 ارب ٿي وئي. بجلي جي پيداواري لاڳت ۾ 22 سيڪڙو واڌ ٿي وئي. جڏهن ته گڏيل پيداواري لاڳت 1515 ارب مان وڌي 2518 ارب ٿي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔