بيجنگ: سعودي ۽ ايراني پرڏيهي وزيرن جي ملاقات، سفارتي لاڳاپا بحال ڪرڻ تي اتفاق

بيجنگ: چين جي گادي واري شهر بيجنگ ۾ سعودي عرب ۽ ايران جي پرڏيهي وزيرن وچ ۾ ملاقات ٿي آهي جنهن کان پوءِ ٻنهي ملڪن سفارتخانا ۽ قونصل خانا ٻيهر کولڻ جا انتظام ڪرڻ تي راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.
چيني ميڊيا موجب بيجنگ ۾ سعودي پرڏيهي وزير شهزادي فيصل بن فرحان آل سعود ۽ ان جي ايراني هم منصب حسين امير عبداللهيان وچ ۾ ملاقات ٿي. اها ملاقات 7 سالن کان وڌيڪ وقت ۾ ٻنهي ملڪن جي اعليٰ ترين سطح تي پهريون ڀيرو باضابطه ملاقات آهي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سفارتي لاڳاپن جي هٿي، ٻنهي ملڪن ۾ سفارتخانا ۽ قونصل خانا کولڻ بابت قدمن تي ڳالهيون ڪيون

چيني ميڊيا موجب سعودي عرب، ايران جي پرڏيهي وزيرن چيني هم منصب سان به ملاقات ڪئي.
ياد رهي ته سعودي عرب ۽ ايران گذريل مهيني سفارتي ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ ۽ سفارت خانا ٻيهر کولڻ تي اتفاق ڪيو هو. ٻنهي اڳواڻن جي ملاقات کان پوءِ گڏيل بيان به جاري ڪيو ويو آهي جنهن موجب ٻئي ملڪ سفارتخانا ۽ قونصل خانا ٻيهر کولڻ جا انتظام ڪرڻ تي راضي ٿي ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔