ڪراچي: موسميات کاتي ڪراچي ۾ گرمي وڌڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي. موسميات کاتي ڪراچي ۾ گرمي جي حوالي سان ٻڌايو هو ته گرمي جي شدت وڌيڪ محسوس ٿيندي، گرمي پد 31 کان 33 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃي سگهي ٿو، جڏهن ته گهٽ کان گهٽ گرمي پد 22.5 ڊگري سينٽي گريڊ رهندو. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته شهر ۾ 7 اپريل کان گرمي وڌندي ۽ گرمي پد 37 ڊگري تائين وڃي سگهي ٿو، گرمي جي اها لهر 4 ڏينهن تائين برقرار رهندي.