ڏکڻ وزيرستان ۾ ڳجهي اطلاع تي سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي، 8 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي: ڏکڻ وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي 8 دهشتگرد ماري ڇڏيا.
آءِ ايس پي آر موجب شن وارسڪ جي علائقي ۾ 8 دهشتگردن کي ماريو ويو، جن ۾ ڪمانڊر جان محمد عرف چراغ به شامل آهي.
بيان ۾ ٻڌايو ويو ته دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ سپاهي حامد رسول شهيد، جڏهن ته ٻن آفيسرن سميت 4 سيڪيورٽي اهلڪار زخمي ٿي پيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔