وزيراعظم پاران سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف ٺهراءُ آڻڻ جو اعلان

وزير اعظم شهباز شريف چيو آهي ته آئين ۽ قانون سان سنگين مذاق ڪيو پيو وڃي، اِن تي حڪمران اتحاد جي هڪ سگهاري صورت سامهون اچڻ گهرجي

هن چيو ته پارليامينٽ ۾ ٻيهر ٺهراءُ آڻي رهيا آهيون، اُميد ته سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي مان ٺهراءُ منظور ٿي ويندو

حڪمران اتحاد جي اجلاس کي خطاب دوران وزيراعظم چيو آهي ته 3 رُڪني بئنچ فُل ڪورٽ واري استدعا رد ڪري ڇڏي، سياسي پارٽين جي ڌُر بڻجڻ واري درخواست به رد ڪئي وئي

شهباز شريف چيو ته وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ سُپريم ڪورٽ جي فيصلي تي تفصيلي غور ڪيو ويو، سُپريم ڪورٽ ۾ ٿيل ڪارروائي سڀني جي اڳيان آهي، اجلاس ۾ سُپريم ڪورٽ جي فيصلي ۽ اُن کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال جو جائزو ورتو ويو، مولانا فضل الرحمان، خالد مقبول صديقي، مريم نواز ۽ ٻين اڳواڻن جي شرڪت، لنڊن مان نواز شريف به وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ هو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔