ارشد شريف قتل ڪيس جاچ تي مطمئن نه ڪيو ويو ته جوڊيشل ڪميشن ٺاهيو ويندو: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ سينئر صحافي ارشد شريف قتل بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي 18 مارچ جي ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪمنامو جاري ڪري ڇڏيو آهي.
لکت ۾ جاري ڪيل حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته ارشد شريف ڪيس جاچ تي عدالت کي مطمئن نه ڪيو ويو ته جوڊيشل ڪميشن ٺاهيو ويندو. ارشد شريف فيملي جي وڪيل شوڪت صديقي عدالتي ڪارروائي تي اعتراض اٿاريو، شوڪت صديقي موجب سپريم ڪورٽ جي آءِ ٽي جاچ جي نگراني نٿي ڪري سگهي

حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ بنيادي حقن بابت معاملن جي نگراني ۽ جاچ ڪرائي سگهي ٿي. ايڊيشنل اٽارني جنرل ڪينيا ۽ يو اي اي مان قانوني مدد بابت آگاهه ڪيو. ايڊيشنل اٽارني جنرل موجب ڪينين اختيارين اڃان تائين قانوني مدد جو ڪوبه جواب ناهي ڏنو.
سپريم ڪورٽ حڪم نامي ۾ چيو آهي ته خصوصي جي ٽي آءِ کي پرڏيهه ملڪن کان جاچ جي لاءِ 3 هفتا وڌيڪ ڏنا وڃن ٿا. اهم بنيادي حقن جو معاملو هجڻ سبب عدالت جاچ جي لاءِ جوڊيشل ڪميشن ٺاهي سگهي ٿي. ارشد شريف قتل هڪ وڏي صحافي جي قتل کان علاوه بنيادي حقن جو معاملو آهي. ارشد شريف قتل جي جاچ لاءِ سپريم ڪورٽ کي 5 هزار کان وڌيڪ خط لکيا ويا. سپريم ڪورٽ ارشد شريف قتل جي صاف ۽ شفاف جاچ ڪرائڻ چاهي ٿي. سپريم ڪورٽ چيو آهي ته ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي اپريل جي مهيني ۾ ٿيندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔