شهباز شريف سوچي وٺي، عدالتي فيصلو قبول ڪرڻو آهي يا نااهل ٿي رائيونڊ وڃڻو آهي: شيخ رشيد

راولپنڊي: اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته شهباز شريف سوچي وٺي ته عدالتي فيصلو مڃڻو آهي ته يا نااهل ٿي رائيونڊ وڃڻو آهي

سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل ٽوئيٽ ۾ هن چونڊ التوا ڪيس بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي خيالن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته عدالت مشڪل وقت ۾ بهتر فيصلو ڏنو، ايمرجنسي لڳائڻ يا مارشل لا جون ڳالهيون ڪندڙ ڊيڄاريندڙ خواب ڏسڻ ڇڏي ڏين.
شيخ رشيد چيو ته 85 رڪني ڪابينه جو جمعي بازار سپريم ڪورٽ جو فيصلو رد نٿو ڪري سگهي. شهباز شريف حڪومت نااهلي يا انارڪي مان هڪ جي لاءِ تيار ٿي وڃي. عوام جو نالو رياست آهي. جيڪڏهن عدليه جو فيصلو نه مڃيو ويو ته هر گهٽي رستي تي بغاوت ٿيندي.
اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف کي تنقيد جو نشانو بنائيندي شيخ رشيد چيو ته نوازشريف جي مايوس ڪندڙ پريس ڪانفرنس سڀني ڏٺي جنهن ۾ هن جي مايوسي صاف ظاهر نظر اچي رهي هئي. هي هاڻ سعودي عرب جا سرڪاري مهمان بڻجي خيرات گهري رهيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔