لاهور سميت پنجاب جي مختلف علائقن ۾ تيز برسات، هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا

لاهور: لاهور سميت پنجاب جي مختلف شهرن ۾ رات کان وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آهي.
لاهور جي علائقي ايبٽ روڊ، شمله پهاڙي، لڪشمي چوڪ ۽ چوڌاري وارن علائقن ۾ هلڪي برسات جو سلسلو جاري آهي. ڪاهنه، گجومنه، نشتر ڪالوني ۽ ٻين علائقن ۾ رات کان پوندڙ برسات موسم کي وڌيڪ خوشگوار بنائي ڇڏيو آهي. گلبرگ، اچهره، وحدت روڊ ۽ چوڌاري علائقن ۾ هلڪي برسات سبب ٿڌ واپس اچي وئي آهي

هوڏانهن موسم جو احوال ٻڌائيندڙ موسميات کاتي ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي. اڄ ۽ سڀاڻي لاهور سميت سموري صوبي ۾ موسم جهڙالو رهندو. جڏهن ته پنجاب جي مختلف علائقن ۾ تيز هوائن ۽ کنوڻ سان برسات جو امڪان آهي. گذريل رات کان مغربي هوائن جي داخل ٿيڻ سان ٿڌ ۾ واڌ ٿي وئي آهي.

ٻئي طرف تيز برساتن کي نظر ۾ رکندي پي ڊي ايم اي طرفان لاڳاپيل ادارن کي الرٽ جاري ڪيو ويو آهي. ڊيزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي تيز هوائن ۽ ڳڙو پوڻ سبب بيٺل فصلن خاص طور تي ڪڻڪ جي فصل کي نقصان پهچڻ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي. هوڏانهن پنجاب جي ٻين شهرن اوڪاڙه، ريناله خورد ۽ حجره شاهه مقيم ۾ کنوڻ سان برسات پئي.
مختلف علائقن ۾ برسات پوڻ سان ئي بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي آهي، جڏهن ته تيز برساتن سبب هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا.
ٻئي طرف خيبرپختونخواهه ۾ ڪالهه کان شروع ٿيندڙ برسات جو سلسلو اڃان تائين وقفي وقفي سان جاري آهي، موسميات کاتي موجب چترال، بونير، سوات، ايبٽ آباد، صوابي، مردان، نوشهره، پشاور، بنون ۽ ڊيره اسماعيل خان جي مختلف هنڌن تي تيز هوائن ۽ کنوڻ سان برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي صوبي جي مختلف هنڌن تي تيز برسات ۽ ڳڙي پوڻ جي به اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي. هينئر تائين پشاور ۾ 3، بونير ۾ 11، تيمر ڳڙهه ۾ 10، چترال ۾ 6 ۽ ڪالام ۾ هڪ ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔