اتحادي حڪومت موجوده بينچ تي بي اعتمادي ظاهر ڪئي آهي: وزير اعظم

قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اتحادي حڪومت موجوده بينچ تي بي اعتمادي جو اظهار ڪيو، ڪاش! چيف جسٽس اِن ڳالهه جو خيال ڪري فول ڪورٽ قائم ڪري ته قوم فيصلو تسليم ڪرڻ ۾ دير نه ڪندي

وزيراعظم شهباز شريف چيو ته موجوده بينچ کان فيصلو ڪرائڻ انصاف جي اصولن جي خلاف آهي

شهباز شريف چيو ته مون ڪجهه ڏينهن اڳ اسيمبلي ۾ تقرير ڪئي، اُن جي ٻئي ڏينهن چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته ڪيترائي ماڻهو جيل ڪاٽڻ کانپوءِ اسيمبلي ۾ تقرير ڪندا آهن

هن چيو ته هڪ سوچ ۽ موقف لاءِ جيل ڀوڳڻ جي واقعن سان تاريخ ڀريل آهي، عمران خان وٽ رڳو هڪ ئي ڳالهه هئي ته مخالفن کي جيل ۾ بند ڪيو وڃي

هن چيو ته اسپيڪر ذريعي چيف جسٽس کان پُڇڻ گهران ٿو ته منهنجي باري ۾ يا ٻين بابت، توهان ته فرمائي ڇڏيو ته اهي اڄ اسيمبلي ۾ تقريرون ڪن ٿا، جن جيل ڪاٽي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔