چونڊن لاءِ صرف فوج جي ڳالهه نه پيا ڪريون، ايئر فورس ۽ نيوي جو به ٻڌايو وڃي: چيف جسٽس

اسلام آباد:چيف جسٽس پاڪستان عمر عطا بنديال چيو آهي ته چونڊن جي لاءِ صرف فوج جي ڳالهه نه پيا ڪريون، ايئرفورس ۽ نيوي جو به ٻڌايو وڃي.
پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ چونڊن جي تاريخ بابت ٻڌڻي دوران چيف جسٽس عمر عطا بنديال چونڊن دوران سيڪيورٽي فورسز جي مقرري بابت ريمارڪس ڏنا ته اسان صرف فوج جي ڳالهه نه پيا ڪريون، هٿياربند فوج ۾ ايئرفورس ۽ نيوي به شامل آهي


چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن اسان جي فوج حساس جڳهين تي مقرر آهي ته اسان کي هنن ٻنهي جي باري ۾ به ٻڌايو وڃي. هٿياربند فورسز ۾ نيوي ۽ فضائيه به شامل آهن. جيڪڏهن پاڪ آرمي جي نفري مصروف آهي ته ٻئي سروسز جا اهلڪار به کڻي سگهجن ٿا. نيوي سميت ٻئي سيڪيورٽي فورسز جون خدمتون حاصل ڪري سگهجن ٿيون جيڪي جنگ جي حالت ۾ نه هجن

چيف جسٽس دفاع واري سيڪريٽري کان پڇيو ته اوهان کي چونڊن جي لاءِ ڪيتري سيڪيورٽي گهرجي؟ جيڪي حساس شيون آهن انهن کي چيمبر ۾ ٻڌي وٺنداسين. جسٽس عمر عطا بنديال دفاع واري سيڪريٽري(ر) حمودالزمان کان پڇاڻو ڪيو ته پنجاب ۾ سيڪيورٽي صورتحال سنگين آهي؟ جنهن تي دفاع واري سيڪريٽري چيو ته پنجاب ۾ سيڪيورٽي بابت ان چيمبر بريفنگ ڏينداسين. اسان عدالت ۾ ڪجهه ڳالهايو ته دشمن ڄاڻ کي ليڪ ڪري سگهن ٿا. ڪجهه حساس ڄاڻ آهي جيڪا چيمبر ۾ ٻڌائينداسين

تحريڪ انصاف جي وڪيل علي ظفر چيو ته منهنجي راءِ موجب هن وقت سيڪيورٽي جو معاملو ڇڏڻ گهرجي، جنهن تي چيف جسٽس پڇيو ته چونڊن لاءِ سيڪيورٽي ڪير ڏيندو؟ وڪيل علي ظفر چيو ته چونڊن جي ڏينهن ٻئي سيڪيورٽي فورسز وٺي سگهجي ٿي جنهن تي چيف جسٽس چيو ته حڪومت کي اهو ڀروسو ڪيئن آهي ته 8 آڪٽوبر تي حالتون صحيح ٿي وينديون؟
پي ٽي آءِ جي وڪيل علي ظفر چيو ته اليڪشن ڪميشن چئي چڪو آهي ته سيڪيورٽي ۽ فنڊ ملندا ته چونڊن جي لاءِ تيار آهيون. (ر) آرمي جا جوان به سيڪيورٽي جي لاءِ وڃي سگهن ٿا.
چيف جسٽس دفاع واري سيڪريٽري کان پڇاڻو ڪندي چيو ته اوهان وٽ(ر) جوان گهرائڻ جو ڪو طريقو آهي؟ جنهن تي دفاع واري سيڪريٽري چيو ته (ر) آرمي جوان ريزرو فورس هوندي آهي. جنهن کي مخصوص حالتن ۾ گهرايو ويندو آهي. چيف جسٽس چيو ته سيڪريٽري دفاع صاحب ڇا اوهان مهر لڳل ڪجهه فائلون آنديون آهن؟ جنهن تي ليفٽيننٽ جنرل(ر) حمودالزمان خان ٻڌايو ته هن وقت ناهي آندي عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيندس. جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته اسان کي مهرلڳل فائلون ڏيو، اسان جائزو وٺي واپس ڪنداسين. دفاع واري سيڪريٽري کي ايندڙ ٻڌڻي تي اچڻ جي ضرورت ناهي ڪجهه سوال اسان جي ذهن ۾ آيا ته کليل عدالت ۾ پڇي وٺنداسين.
جسٽس اعجازالاحسن چيو ته اسان پنهنجي فوج کي ڪنهن به مشڪل ۾ وجهڻ نٿا چاهيون. حساس آپريشن ٿيندا آهن. اسان ڪابه ڄاڻ ليڪ ٿيڻ نه ڏينداسين. دفاع واري سيڪريٽري چيو ته تفصيلي بريفنگ عدالت کي ان چيمبر ڏينداسين تفصيلي رپورٽ به عدالت کي چيمبر ۾ پيش ڪنداسين.
تحريڪ انصاف جي وڪيل علي ظفر چيو ته موجوده حالتن ۾ ڪنهن به قسم جي سنگيني ناهي. چونڊن جي لاءِ وڌيڪ سيڪيورٽي جي ضرورت نه آهي.
چيف جسٽس چيو ته اليڪشن ۾ ڊيوٽي جي لاءِ ويڙهاڪ فوجي نه گهرجن. (ر) آرمي جا جوان به سيڪيورٽي ڏئي سگهن ٿا، پيرا ملٽري فورسز به سيڪيورٽي ڏئي سگهي ٿي جيڪا گهرو وزارت جي ماتحت آهي.
وڪيل علي ظفر چيو ته ملڪ ۾ جمعي جي اجتماع ۾ به سيڪيورٽي ڏني ويندي آهي. حالتون ايتريون خراب نه آهن جنهن تي چيف جسٽس چيو ته ڪافي وقت کان ملڪ ۾ حالتون خراب هيون. جهنگ ڪجهه وقت اڳ حساس هوندو هو، هاڻ نه آهي. ڏکڻ پنجاب ۽ ڪچي جا علائقا به حساس آهن.
جسٽس منيب اختر چيو ته دفاع وارو سيڪريٽري حساس ڄاڻ شيئر نه ڪري، زباني ڄاڻ جي بجاءِ لکت ۾ جواب ڏئي ڇڏي جنهن تي دفاع واري سيڪريٽري سڀاڻي تائين جواب جمع ڪرائڻ جي مهلت گهري ورتي چيف جسٽس چيو ته اوهان ڪجهه ڪلاڪن کان پوءِ يا سڀاڻي صبح تائين رپورٽ ڏئي ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔