توشه خانه ڪيس: عمران خان ۽ سندس گهر واري کي جاري ڪيل نيب نوٽيس خلاف درخواستن تي فيصلو محفوظ

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توشه خانه ڪيس ۾ طلبي جي نيب نوٽيس خلاف عمران خان ۽ سندس گهر واري جي درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ توشه خانه ڪيس ۾ طلبي جي نيب نوٽيس خلاف عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي. جنهن سلسلي ۾ سندس وڪيل خواجه حارث عدالت ۾ پيش ٿيو

خواجه حارث پنهنجي دليلن ۾ چيو ته نيب نوٽيس ۾ ناهي ٻڌايو ويو ته ڪهڙي حيثيت سان ڄاڻ گهري پئي وڃي. عدالتي فيصلا اچي چڪا آهن ان لاءِ نوٽيس جي مڪمل ڄاڻ ڏيڻ ضروري آهي. نيب تي لازمي آهي ته هو مڪمل ڄاڻ ڏئي. نيب جي پراڻي قانون جي هوندي اهي فيصلا اچي چڪا هئا.

چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته هن وقت جيڪا نيب قانون ۾ ترميم ڪئي وئي آهي ان ۾ نوٽيس جو ڪهڙو طريقو آهي؟ ان تي خواجه حارث چيو ته ترميمي قانون چوي ٿو ته اهو ٻڌائڻ لازمي آهي ته اوهان ڪنهن کي ڇو گهرائي رهيا آهيو، ترميمي قانون ۾ ٻڌائڻو پوندو ته ڪنهن کي بطور ملازم گهرائڻ يا ڪنهن ٻئي سبب تي گهرايو ويو.
عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا عمران خان کي طلبي جا نوٽيس اچي ويا آهن؟ خواجه حارث ٻڌايو ته ڪال اپ نوٽيس اچي ويا آهن.
ان دوران خواجه حارث نيب نوٽيس عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيا ۽ چيو ته هن نوٽيسن ۾ نيب اسان کي ڄاڻ ناهي ڏني. هنن ۾ صرف اهو لکيو ويو آهي ته پبلڪ آفيس هولڊر خلاف جاچ ٿي رهي آهي.
عدالت طرفان نيب پراسيڪيوٽر کي روسٽرم تي گهرايو ويو ته نيب پراسيڪيوٽر ٻڌايو ته عمران خان کي ياد ڏيارڻ لاءِ نوٽيس اماڻيو ويو هو. ان تي چيف جسٽس چيو ته اوهان جي نوٽيس ۾ عدالتي فيصلن تي عمل نظر نه پيو اچي. اسان اڃان نيب کي ڪنهن شيءَ کان نه پيا روڪيون، نيب جيڪو سوال پڇڻ چاهي ته پڇي سگهي ٿو. پوءِ ڀلي اهو ڪهڙو به مٽيريل ڇو نه هجي. اسان هن درخواستن تي آرڊر جاري ڪنداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔