اتر وزيرستان: فورسز جي ڪارروائي، هڪ سڪيورٽي اهلڪار شهيد

راولپنڊي: اتر وزيرستان جي علائقي مير علي ۾ سڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ اهلڪار شهيد ٿي ويو.
آءِ ايس پي آر موجب مير علي ۾ دهشتگردن سان جوابي فائرنگ جي نتيجي ۾ سپاهي ارشاد الله شهيد ٿي ويو.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته شهيد ٿيل 29 سالن جي سپاهي ارشاد الله جو تعلق ضلعي ڪرڪ سان آهي.
آءِ ايس پي آر موجب سڪيورٽي فورسز علائقي ۾ سرچ آپريشن ڪري رهيا آهن، سڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔