90سالن جي ڪميءَ 3 ٻچن کي جنم ڏنو، انتظاميا حيران

هيوسٽن: آمريڪا جي هڪ چڙيا گهر ۾ 90 سالن جي ڪميءَ پهريون ڀيرو 3 ٻچن کي جنم ڏنو آهي. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب آمريڪي شهر هيوسٽن جي چڙيا گهر ۾ ڪميءَ جي 90 سالن جي نر ماديءَ آچر ڏينهن 3 ٻچن کي خوش آمديد چيو آهي. رپورٽن موجب اوڀر آفريڪي ملڪ مڊغاسڪر سان تعلق رکندڙ ان ڪمين جي جوڙي 3 ٻچن جي پيدائش کي منفرد سمجهيو پيو وڃي ڇوته هيوسٽن جي مٽي ان نسل جي ڪمين جي لاءِ سازگار نه سمجهي ويندي آهي. مادي ڪميءَ جي آنن کي ڏسي چڙيا گهر جي اخياريون حيران ٿي ويون هيون. پرڏيهي ميڊيا مطابق 90 سالن جي پڪلز گذريل 36 سالن کان هيوسٽن جي چڙيا گهر ۾ رهائش پذير آهن جڏهن ته مادي پڪلز کي 1996ع ۾ ان چڙيا گهر جو حصو بڻايو ويو هو. ويجهڙ ۾ پيدا ٿيندڙ پيلي ۽ ڪاري رنگ جي انهن ٽنهي ٻچن جو نالو ڊِل، غرڪن ۽ جالاپينو رکيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔