غربت سٽيل 78 لک خاندانن کي 65 روپيا في ڪلو اٽو فراهم ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي: سنڌ سرڪار پاران غربت سٽيل 78 لک خاندانن کي 65 روپيا في ڪلو اٽو فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا منظوري ڏئي ڇڏي آهي

سنڌ سرڪار چيو آهي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت 78 لک غريب خاندانن کي سستي اٽي جي خريداري لاءِ 2-2 هزار روپيا ڏنا ويندا، هي بهترين فيصلو آهي

سنڌ ڪابينا جي اجلاس بعد صوبائي وزير شرجيل ميمڻ ۽ مرتضيٰ جي ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪئي، شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ سرڪار مهانگائي سٽيل عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ سٺو قدم کنيو آهي

هنن چيو ته سنڌ حڪومت پاران سستي اٽي جي خريداري بابت هڪ مهيني لاءِ غريب خاندانن کي ساڍا 15 ارب روپيا ڏنا ويندا، سنڌ حڪومت ٻوڏ متاثرن جي گهرن جي تعمير لاءِ 70 ارب روپيا ڏئي رهي آهي

شرجيل انعام ميمڻ ۽ مرتضيٰ وهاب چيو ته رمضان ۾ مهانگائي تي ضابطي لاءِ خوراڪ کاتي ۽ ٻين آفيسرز کي ماجسٽريٽ جا اختيار ڏنا ويا آهن، هٿرادو مهانگائي ڪندڙن خلاف ڪارروائي لاءِ ڏنڊ جي رقم به وڌائي وئي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔