سنڌ ڪابينا پاران رمضان کان اڳ هٿرادو مهانگائي تي ضابطي لاءِ سخت قدم کڻڻ جو فيصلو

ڪراچي: سنڌ ڪابينا پاران رمضان کان اڳ هٿرادو مهانگائي تي ضابطي لاءِ سخت قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

 وڏي وزير مراد علي شاهه ڪابينا اجلاس جي صدارت ڪندي چيو ته ضلعي انتظاميه شين جا اگهه چيڪ ڪري ۽  مصنوعي مهانگائي تي ضابطو آڻي

وڏي وزير چيو ته ٻوڏ ۽ برساتن جي ڪري سموري ملڪ ۾ غربت وڌي وئي آهي، اميد آهي ته واپاري به رمضان جي ڀلاري مهيني دوران شين جا اگهه گهٽ رکندا

مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته مهانگائي تمام گهڻي آهي، هٿرادو مهانگائي تي ڪنٽرول ڪيو وڃي، وڏي وزير سرنديءَ وارن کي رمضان ۾ غريب ماڻهن جي مدد ڪرڻ جي اپيل به ڪئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔