پنجاب ۾ سستو اٽو حاصل ڪرڻ دوران 2 شهري حياتيون وڃائي ويٺا

لاهور: پنجاب ۾ سستو اٽو حاصل ڪرڻ دوران 2 شهري حياتيون وڃائي ويٺا. مظفر ڳڙهه جي تعلقي ڪوٽ ادو ۾ مفت اٽو حاصل ڪرڻ جي لاءِ لائن ۾ بيٺل عورت کي اٽو ته نه مليو پر هو انتظار دوران فوت ٿي وئي.
رش ۽ سخت گرمي دوران 50 ورهين جي تاج بي بي اٽو حاصل ڪرڻ جي لاءِ لائين ۾ بيٺل هئي ته بدنظمي ۽ سخت گرمي سبب سندس طبيعت خراب ٿي وئي پر هو اسپتال منتقل ڪرڻ دوران فوت ٿي وئي.
ملتان ۾ سستي اٽي جي لاءِ لڳايل اسٽال تي هڪ شخص دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويو. ٻئي طرف بهاوالنگر جي هڪ پارڪ ۾ قائم مفت اٽي جي اسٽال تي بدنظمي سبب 3 عورتون زخمي ٿي پيون جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
شڪر ڳڙهه ۾ ڏنڊا بردار شهرين اٽي سان ڀريل ٽرڪ کي ڦري ورتو جڏهن ته رحيم يار خان ۾ اٽي جي ٿيلهي کڻي وڃڻ تي عملي شهرين کي چماٽ وهائي اٽي جي ٿيلهي ڦري ورتي. ان کان علاوه ملتان ۽ صادق آباد ۾ اٽو نه ملڻ تي شهرين احتجاج پڻ ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔