وزيراعظم سڀاڻي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس طلب ڪري ورتو

اسلام آباد: وزيراعظم سڀاڻي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس طلب ڪري ورتو، وزيراعظم جي صدارت هيٺ ٿيل اتحادي جماعتن جَي اجلاس جِي پڌرائي جاري  ڪئي وئي آهي

 پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ ۾ انصاف جي ٻٽي معيار کي قبول نه ڪيو ويندو، ثبوت هجڻ باوجود عمران خان ۽ سندس ساٿين سان ورتاءَ ۾ انصاف جا پُڙ برابر نه هجڻ جو تاثر  وڌندو پيو وڃي، اتحادي جماعتن جي اجلاس ۾ ملڪ جي معاشي، سياسي ۽ امن امان جي صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو

اجلاس دوران اتحادي جماعتن جي سربراهن کي آءِ ايم ايف پروگرام جي بحالي، عوامي رليف لاءِ وزيراعظم جي قدمن بابت آگاهي ڏني وئي، عمران خان جي حڪم تي پوليس ۽ رينجرز اهلڪارن مٿان ٿيل تشدد جي به مذمت ڪئي وئي

 پڌرائي ۾ چيو ويو ته پابندي مڙهيل تنظيمن جي تربيت يافتا جٿن ذريعي رياستي ادارن جي اهلڪارن تي تشدد ڳڻتي جوڳو عمل آهي، رياست دشمني کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو، جڊيشل ڪمپليڪس تي حملي، سرڪاري عمارتن جي ڀڃ ڊاهه ۽ اهلڪارن تي تشدد ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔