آصف زرداري خلاف تڪراري بيان ڪيس: شيخ رشيد عدالت ۾ پيش

اسلام آباد: عوامي مسلم ليگ جو سربراهه شيخ رشيد احمد اڳوڻي صدر آصف علي زرداري خلاف تڪراري بيان جي ڪيس ۾ عدالت ۾ پيش ٿي ويو.
اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ شيخ رشيد طرفان اڳوڻي صدر آصف زرداري خلاف تڪراري بيان ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ عدالت شيخ رشيد کي اڄ فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ طلب ڪيو هو

گذريل ٻڌڻي تي طبيعت خراب هجڻ سبب شيخ رشيد عدالت ۾ پيش نه ٿيو هو. ٻڌڻي جي شروعاتي تي جج سوال ڪيو ته ڇا شيخ رشيد خلاف ڪيس جو چالان اچي ويو آهي؟ ان تي پراسيڪيوٽر چيو ته شيخ خلاف ڪيس جو چالان عدالت ۾ جمع ٿي چڪو آهي.
شيخ رشيد عدالت کي ٻڌايو ته منهنجو وڪيل اڄ سپريم ڪورٽ ۾ آهي ان لاءِ اڄ عدالت ۾ پيش نٿو ٿي سگهي. ڪيس کي ختم ڪرڻ بابت درخواست به داخل ڪئي آهي.
جنهن کان پوءِ عدالت شيخ رشيد کي حاضري لڳائي وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. ياد رهي ته پوليس شيخ رشيد کي ساڳئي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو هو جنهن کي عدالت مان ضمانت تي رهائي ملي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔