پيوٽن جا وارنٽ جاري ڪرڻ تي روس جو عالمي فوجداري عدالت خلاف سخت قدم

ماسڪو: عالمي فوجداري عدالت (آءِ سي سي) طرفان روسي صدر ولاديمير پيوٽن خلاف گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ جي جواب ۾ روس به عالمي فوجداري عدالت جي پراسيڪيوٽر ۽ ججن خلاف ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو.
روسي جاچ ڪميٽي جو چوڻ آهي ته آءِ سي سي جي پراسيڪيوٽر، ججن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، آءِ سي سي پراسيڪيوٽر جا قدم روسي قانون تحت ڏوهن جي زمري ۾ اچن ٿا، صدر پيوٽن تي لڳايل الزامن جو ڪو بنياد ناهي.
روسي جاچ ڪميٽي موجب ملڪي سربراهه کي 1973ع جي گڏيل قومن جي ڪنوينشن تحت مڪمل ڇوٽ حاصل آهي.
ياد رهي ته آءِ سي سي ۾ روسي صدر خلاف گرفتاري جو وارنٽ ٻارن سميت ماڻهن جي غير قانوني طريقي سان يوڪرين کان روس منتقلي جي مبينا الزامن تحت جاري ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔