ڪراچي ۾ هٿياربندن هٿان مفتي عبدالقيوم قتل، سي سي ٽي وي فوٽيجز منظر عام تي اچي ويا

ڪراچي :ڪراچي ۾ مفتي عبدالقيوم کي هٿياربندن فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو، مفتي عبدالقيوم جي قتل  جي واردات جا سي سي ٽي وي فوٽيجز منظر عام تي اچي ويا

گلستان جوهر ۾ مفتي  عبدالقيوم جي قتل جي واردات جا سي  سي ٽي وي فوٽيجز منظر عام تي اچي ويا، فوٽيجز ۾ 2 موٽر سائيڪل سوار  جوابدارن کي مفتي عبدالقيوم تي فائرنگ ڪندي ڏسي سگهجي ٿو

مقتول جو لاش جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو، اسپتال ۾ مڇريل ماڻهن پاران اسپتال ۾ احتجاج ڪيو ويو، مڇريل ماڻهن جي سڪيورٽي گارڊن سان  ڏنڊ چڪ ٿيا، عملي دروازا بند ڪري ڇڏيا، احتجاج ڪندڙن سان ڳالهيون پڻ ڪيون ويون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔