ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ تيز هوائن کانپوءِ وسڪارو،موسم خوشگوار

ڪراچي: ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ تيز هوائن کانپوءِ برسات سبب موسم خوشگوار ٿي وئي.
شهر جي مختلف علائقن ناظم آباد، گلشن اقبال، گلستان جوهر، ابو الاصفهاني روڊ، گلشن جمال، راشد منهاس روڊ، سهراب ڳوٺ ۽ ايئرپورٽ تي تيز هوائن کانپوءِ مينهن وسي پيو.
موسميات کاتي موجب هن وقت شهر ۾ اتر اوڀر کان هوائون 32 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان گهلي رهيون آهن.
هوڏانهن موسمياتي تجزئي نگارن جو چوڻ آهي ته هن وقت ملير، اورنگي ٽائون ۽ سپر هاءِ وي ڀرسان ڪڪر موجود آهن، جنهن سبب شهر ۾ اڌ کان هڪ ڪلاڪ دوران وقفي وقفي سان برسات ٿي سگهي ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔