ڀڃ ڊاهه، باهيون ۽ سرڪاري ملڪيتن کي نقصان، عمران خان سميت ٻين اڳواڻن خلاف ڪيس داخل

لاهور: لاهور ۾ باهيون، ڀڃ ڊاهه ۽ سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائن جي الزام هيٺ عمران خان سميت پاڪستان تحريڪ انصاف جي ٻين اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تي ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.
ٽوٽل 4 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. ڪيس باهيون ڏيڻ، ڀڃ ڊاهه، سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ جي قلمن تحت داخل ڪيا ويا آهن. ڪيسن ۾ قتل جو ارادو، دهشتگردي ۽ ٻيا قلم به شامل ڪيا ويا آهن.

هڪ ڪيس ۾ عمران خان کي به نامزد ڪيو ويو آهي. ايف آءِ آر جي متن موجب شرپسند واقعي جي ڏوهاراڻي سازش، عمران خان جي چوڻ ۽ ڀڙڪائڻ تي داخل ڪيا ويا. پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن خلاف شرپسندي جي لاءِ ڀڙڪايو ويو.
متن موجب عمران خان، ٻين اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سرڪاري ۽ غير سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچايو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔