موسميات کاتي پاران ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ اڄ شام برسات جا امڪان

ڪراچي: موسميات کاتي اڄ ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ برسات جا امڪان ظاهر ڪري ڇڏيا آهن.
موسميات کاتي موجب 24 ڪلاڪن دوران موسم جهڙالو رهڻ ۽ شام ۾ ڪجهه علائقن ۾ برسات جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب شهر ۾ وڌ کان وڌ گرمي پد 32 کان 34 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو جڏهن ته گهٽ کان گهٽ گرمي پد 23 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔