ڪراچي: رمضان المبارڪ ۾ سحري ۽ افطاري دوران لوڊشيڊنگ نه ٿيندي: وزير توانائي سنڌ

ڪراچي: سنڌ جي توانائي واري وزير امتياز شيخ چيو آهي ته ڪراچي ۾ رمضان المبارڪ مهيني دوران سحري ۽ افطاري جي وقت لوڊشيڊنگ نه ڪئي ويندي.
امتياز شيخ سان ڪي اليڪٽرڪ سي اي او ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ڪراچي ۾ رمضان المبارڪ دوران سحري ۽ افطاري ۾ لوڊشيڊنگ سميت ٻين معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.
ان موقعي تي امتياز شيخ چيو ته رمضان المبارڪ ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ جو دورانيو مختصر رکيو وڃي، عوام کي رليف ڏيڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي.
هن چيو ته لوڊشيڊنگ سبب ڪاروباري طبقو سخت متاثر ٿي رهيو آهي، رمضان المبارڪ دوران سحري ۽ افطاري ۾ لوڊشيڊنگ نه ڪئي ويندي.
ڪي اليڪٽرڪ سي اي او چيو ته بلن جي عدم ادائيگي سبب لوڊشيڊنگ وڌندي آهي، جنهن تي صوبائي وزير چيو ته اهڙن علائقن ۾ فوري طور تي ڪنڊا سسٽم جو خاتمو ڪيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔