لاهور: لاهور هاءِ ڪورٽ سڀاڻي 10 وڳي تائين عمران خان جي گرفتاري لاءِ زمان پارڪ ۾ پوليس آپريشن فوري طور تي روڪڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.
لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ زمان پارڪ ۾ پوليس آپريشن روڪڻ جي لاءِ فواد چوڌري جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي. ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب شان گل عدالت ۾ پيش ٿيو.
عمران خان جي وڪيل چيو ته مان عمران خان جو دفاع نه پيو ڪريان پر جيڪو زمان پارڪ جي ٻاهران ٿي رهيو آهي اهو بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي آهي، زمان پارڪ جنگي زون بڻجي چڪو آهي.
ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته عمران خان جو معاملو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي اها درخواست لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻ جوڳي نه آهي.
جسٽس طارق سليم شيخ چيو ته جيڪو به اسلام آباد پوليس طرفان آپريشن جي اڳواڻي ڪري رهيو آهيان اسان ان کي گهرائي ٿا وٺون. هن معاملي کي ڪنهن کي ته صحيح ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن اسلام آباد پوليس جا آفيسر عدالت ۾ پيش نه ٿيا ته اسان سندن گرفتاري وارنٽ جاري ڪنداسين.
وفاقي حڪومت جي وڪيل چيو ته اسلام آباد پوليس لاهور هاءِ ڪورٽ جي اختيار ۾ نٿي اچي. عدالت چيف سيڪريٽري پنجاب، آءِ جي پنجاب ۽ اسلام آباد پوليس طرفان آپريشن جي سربراهي ڪندڙ آفيسر، ڊي آءِ جي آپريشن اسلام آباد شهزاد بخاري کي فوري طور تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
وقفي کان پوءِ آءِ جي پنجاب عدالت ۾ پيش ٿيو ته جسٽس طارق سليم شيخ کيس چيو ته جيڪڏهن اسان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تائين آپريشن کي روڪي ڇڏيون ته ڪو اعتراض ته نه آهي؟
آءِ جي پنجاب جواب ڏنو ته اسان عدالت جي هر حڪم تي عمل ڪرڻ جا پابند آهيون. جنهن کان پوءِ لاهور هاءِ ڪورٽ سڀاڻي صبح 10 وڳي تائين پوليس آپريشن روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.