توشه خانه ڪيس: عمران خان جا گرفتاري وارنٽ رد ڪرڻ واري درخواست تي فيصلو محفوظ

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توشه خانه ڪيس ۾ عمران خان جا گرفتاري وارنٽ رد ڪرڻ واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي

چيف جسٽس عامر فاروق رمارڪس ۾ چيو ته لاهور ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، اسان ڪهڙو چهرو ڏيکاري رهيا آهيون؟ اسان ته ٻڌندا هئاسين ته قبائلي علائقن ۾ ائين ٿيندو آهي، اسان دنيا کي ڇا ٻڌائي رهيا آهيون ته قانون تي عمل نه ڪنداسين؟

چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته ضروري آهي ته قانون سڀني جي لاءِ برابر هجي، عدالتن جي عزت ۽ وقار انتهائي اهم آهي، چيف جسٽس سوال ڪيو ته لاهور ۾ جيڪو ٿي رهيو آهي ٺيڪ ٿي رهيو آهي؟تصویر

عمران خان جي وڪيل خواجا حارث چيو ته لاهور ۾ غلط ٿي رهيو آهي، چيف جسٽس چيو ته هڪ سياسي جماعت جا ڪارڪن لاهور پوليس تي حملا ڪري رهيا آهن، اهو رياست تي حملو آهي، مان هن جو عمل جوڳو ڪو حل ڪڍندس

عمران خان جي درخواست تي لڳايل اعتراض ختم ٿيڻ بعد چيف جسٽس عامر فاروق جي سربراهي ۾ عدالت ٻڌڻي هلائي، عمران خان جي وڪيلن عمران خان جي حلفي بيان جي ڪاپي جمع ڪرائي، عدالت کي واٽس اپ تي حلفي بيان به ڏيکاريو ويو، عدالت فيصلو محفوظ ڪري ورتو

عمران خان جي گرفتاريءَ  لاءِ لاهور جي زمان پارڪ وٽ پوليس ۽ رينجرز جو جاري آپريشن روڪيو ويو، حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ايس ايل ميچ جي ڪري ڪارروائي روڪي وئي آهي

 زمان پارڪ کي پوليس ۽ رينجرز جو ڪڙو جاري رهندو، مزاحمت ڪندڙ پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ پوليس پاران ٻئي ڏينهن به شيلنگ ڪئي وئي، پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن پاران پوليس ۽ رينجرز تي پٿراءُ ڪيو ويوعمران خان

 پوليس ۽ ڪارڪنن وچ ۾ سموري رات چڪرين جو سلسلو جاري رهيو، چڪرين دوران 64 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ 54 پوليس اهلڪار ۽ آفيسر به شامل آهن

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان زمان پارڪ ۾ پنهنجي رهائشگاهه مان ٻاهر نڪري آيو، عمران خان گئس ماسڪ پهري ڪارڪنن سان ملاقات لاءِ ٻاهر نڪري آيو، عمران خان ٻن ڏينهن تائين پوليس خلاف مزاحمت ڪرڻ تي ڪارڪنن جا ٿورا مڃيا

 ان کان اڳ پنهنجي ٽويٽ ۾ عمران خان چيو ته منهنجي گرفتاريءَ جي دعويٰ رڳو هڪ ڊرامو هئي، اصل نيت اغوا ۽ قتل جي آهي، ڳوڙها گئس ۽ پاڻيءَ جي توپن کانپوءِ هي هاڻي سڌي فائرنگ تي لهي آيا آهن، عمران خان زمان پارڪ ۾ ڪارڪنن پاران گوليون ڏيکارڻ واري وڊيو به ٽويٽ ڪري ڇڏي آهي

وفاقي وزير مريم اورنگزيب جو چوڻ آهي ته عمران خان جي گرفتاريءَ سان حڪومت جو ڪو به تعلق نه آهي، عدالتي حڪم تحت پوليس کيس گرفتار ڪرڻ چاهي ٿي، عمران خان ملڪ ۾ گهرو ويڙهه ڪرائڻ چاهي ٿو

 وفاقي وزير مريم اورنگزيب اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته عمران خان منافق، بزدل ۽ ڪوڙو شخص آهي، عمران اهو تاثر ڏيڻ چاهي ٿو ته هو بزرگ آهي ۽ سندس حياتي کي خطرو آهي

هي به پڙهندا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔