عمران خان کي راڻا ثناءُالله جي حوالي نٿا ڪري سگهون: فواد چوڌري

لاهور:پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته عمران خان جي حياتي کي خطرو آهي کيس راڻا ثناءُالله جي حوالي نٿا ڪري سگهون.
لاهور ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي فواد چوڌري اختيارين کي خبردار ڪندي چيو ته اٿارٽيز ماڻهن جي حياتين سان کيڏي رهي آهي. زمان پارڪ ۾ هر جڳهه ڳوڙها آڻيندڙ گئس جا شيل فائر ٿي رهيا آهن. گهرن ۾ ننڍن ٻارن جون طبيعتون خراب ٿي ويون آهن.
هن چيو ته عمران خان جي حياتي کي خطرو آهي، اسان عمران خان کي راڻا ثناءُالله جي حوالي نٿا ڪري سگهون. اوهان وارنٽ جي تعميل چاهيو ٿا ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي جاري آهي پي ٽي آءِ چئي چڪي آهي ته عدالت جيڪو فيصلو ڪندي اهو اسان کي قبول هوندو.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔