افغان سيريز لاءِ عبدالرحمان قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو هيڊ ڪوچ ۽ عمر گل بالنگ ڪوچ مقرر

لاهور: افغانستان خلاف ٽي -20 سيريز لاءِ اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر عبدالرحمان کي هيڊ ڪوچ ۽ عمر گل کي بالنگ ڪوچ مقرر ٿي ويا

تفصيل موجب پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ 24 مارچ کان شارجا ۾ شروع ٿيندڙ  ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز لاءِ ڪوچنگ اسٽاف ۽ انتطامي ڪميٽي جي نالن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي

پي سي بي موجب افغانستان خلاف ٽن ميچن تي ٻڌل ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ اڳوڻو ٽيسٽ ڪرڪيٽر عبدالرحمان قومي ٽيم جو هيڊ ڪوچ هوندو جڏهن ته اڳوڻو ٽيسٽ فاسٽ بالر عمر گُل بالنگ ۽ محمد يوسف بيٽنگ ڪوچ هوندا

پي سي بي موجب عبدالمجيد فيلڊنگ ڪوچ ۽ منصور راڻا ٽيم مئنيجر جون ذميواريون ادا ڪندو. انکانسواءِ ڊرائيڪس سائمن، ٽرينر، ڪلف ڊيڪن فزيو ۽ طلحه اعجاز اينالسٽ هوندو. واضح رهي ته پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز 24 هين مارچ کان شارجه ۾ شروع ٿيندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔