پنجاب جو اڳوڻو وڏو وزير حمزه شهباز ملڪ واپس پهچي ويو

لاهور:ليگي اڳواڻ ۽ پنجاب جو اڳوڻو وڏو وزير شهباز شريف پاڪستان واپس پهچي ويو آهي.
رپورٽ موجب پاڪستان مسلم ليگ(ن) جو سينئر اڳواڻ ۽ اڳوڻو پنجاب جو وڏو وزير حمزه شهباز پرڏيهي ايئرلائن ذريعي لنڊن کان لاهور پهچي ويو. هو علامه اقبال انٽرنيشنل ايئرپورٽ کان پنهنجي رهائشگاهه ماڊل ٽائون روانو ٿي ويو. خرم دستگير به حمزه شهباز سان گڏ لاهور پهتو.
پارٽي ذريعن موجب پنجاب جو اڳوڻو وڏو وزير حمزه شهباز اڄ کان مريم نواز سان گڏ چونڊ مهم جو حصو بڻجندو.
حمزه شهباز سعودي عرب ۾ عمري جي ادائيگي کان پوءِ ملڪ واپس پهتو آهي. حمزه شهباز 3 مهينا اڳ 14 ڊسمبر تي نجي دوري تي ذاتي مصروفيتن جي حوالي سان اڍائي مهينا آمريڪا ۾ قيام ڪرڻ کان پوءِ مدينه منوره ويو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔