تحريڪ انصاف ڪي پي ڪي ۾ 30 اپريل تي ٿيندڙ ننڍيون چونڊون چئلينج ڪري ڇڏيون

پشاور: پاڪستان تحريڪ انصاف خيبرپختونخواهه ۾ 30 اپريل تي ٿيندڙ ننڍيون چونڊون چئلينج ڪري ڇڏيون.
پي ٽي آءِ ميمبرن پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائيندي چيو آهي ته 30 اپريل تي اين اي 22، 24 ۽ 31 تي چونڊن جو شيڊول جاري ڪيو ويو آهي. عام چونڊن کان 120 ڏينهن اڳ چونڊون نٿيون ٿي سگهن.
هن چيو ته حڪومت کي جيڪڏهن چونڊون ڪرائڻيون هجن ها ته 120 ڏينهن جي اندر تاريخ ڏئي ها، استعيفائون ڏيندڙ قومي اسيمبلي جي ميمبرن کي استعيفائن جي منظوري لاءِ ذاتي حيثيت ۾ به نه ٻڌو ويو.
درخواست ۾ چيو ويو آهي ته 30 اپريل تي چونڊون منعقد ڪرڻ آئين جي آرٽيڪل 124 جي ڀڃڪڙي آهي. ننڍين چونڊن سان نه صرف پئسن جو نقصان ٿيندو پر آئين سان به تڪراري ٿينديون ۽ ان سان ڪيترائي آئيني مسئلا به پيدا ٿيڻ جو امڪان آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔