اڄ جي اداڪارن کي سوشل ميڊيا جي ڪري شهرت مليو وڃي: ڪرشما ڪپور


ممبئي(شوبز نيوز)  ڀارتي سندري ڪرشما ڪپور چيو آهي ته اڄ جي اداڪارن کي سوشل ميڊيا جي ڪري شهرت مليو وڃي. سندن وقت ۾ کين شهرت حاصل ڪرڻ لاءِ وڏي محنت ڪرڻي پوندي هئي پر هاڻي حالتون اهڙيون ناهن رهيون

48 ورهين جي اداڪارا جو چوڻ هو ته پهرين اداڪارن کي پنهنجي ڄاڻ سڃاڻ ٺاهڻ لاءِ وڙهڻو پوندو هو. جنهن به فلم ۾ ڪم ڪندي هئيس اها ڪحڙي به مقد لاءِ هجي ، هٽ ٿئي يا فلاپ پر منهنجي لاءِ فائديمند ثابت ٿيندي هئي

هن چيو ته اهو هڪ مختلف دور هو ، اسان لاءِ هر فلم خاص هوندي هئي. هن چيو ته هدايت ڪار ڊيوڊ ڌون، يش چوپڙا ۽ شيام بينيگال سان گڏ ڪم ڪرڻ ۾ ڏاڍو مزو آيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔