ميهڙ ڀرسان هٿياربندن جي فائرنگ، 2 عورتون قتل


ميهڙ : ميهڙ ۾ ٻن ڌرين ۾ خوني تڪرار تيز ٿي ويو، هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 عورتون قتل ٿي ويون، ڳوٺ جعفر چانڊيو ۾ گھر اندر فائرنگ سبب 2 عورتون مارجي ويون

مارجي ويل عورتن ۾23  ورهين جي زاهده ۽ 20 سالا حبيبه چانڊيو شامل آهن، بي سيڪشن پوليس مارجي ويل عورتن جا لاش اسپتال پهچايا

پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو ڀائرن ۽ سئوٽن ۾ ذاتي دشمني تان پيش آيو آھي

جڏهن ته ذريعن جو چوڻ آهي ته ڌرين ۾ تڪرار سبب گذريل مھيني پڻ ڀاءُ ڀيڻ قتل ٿيا هئا، لڳي ٿو ته ڀاءُ ۽ ڀيڻ جي قتل جي پلاند ۾ هٿياربندن حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ 2 عورتون قتل ٿي ويون آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔