انٽر بئنڪ ۽ اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قدر ۾ وڏي واڌ

ڪراچي: ملڪ ۾ اڄ به ڊالر جي قدر ۾ وڏي واڌ سامهون آئي آهي.

انٽر بئنڪ مٽاسٽا مارڪيٽ ۾ هڪ آمريڪي ڊالر 3 رپيا 18 پئسا ۽ اوپن مارڪيٽ ۾ 3 رپيا 50 پئسا مهانگو ٿيو آهي.

ڪالهه ڪاروبار جي پڄاڻي تي انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 279 رپين 12 پئسن تي بند ٿيو هو، جيڪو اڄ 282 رپين 30 پئسن جو ٿي ويو آهي.

هوڏانهن اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جو قدر 284 رپيا 50 پئسا آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔